ممبئي: تامل فلمن جي مشهور اداڪار، سياسي پارٽي ٽي وي جي تاملاگا وينري خراگم) جي سربراهه جوزف وجي چندرا شيکهر عرف وجي جي گهر واري سنگيتا طلاق جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب سنگيتا مقامي عدالت ۾ طلاق جي درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ 40 ورهين جي سنگيتا موقف اختيار ڪيو آهي ته شادي پهريون ڀيرو 10 جولاءِ 1998ع تي برطانيه ۾ رجسٽرڊ ٿي هئي پوءِ هندو رسم، رواج موجب چنئي ۾ 25 آگسٽ 1999 تي راجه متهيامندرم ۾ هڪ رسمي شادي ڪئي وئي.
درخواستگذار ٻڌايو ته شادي جا شروعاتي سال خوشگوار ۽ هم آهنگي سان گذريا پر اپريل 2021 ۾ وجي جي هڪ اداڪاره سان غير ازدواجي لاڳاپن جو علم ٿيو جنهن جي ڪري گهري جذباتي، ڏک ۽ ذهني اذيت کي منهن ڏيڻو پيو جيڪو ڌوڪو ڏيڻ ۽ ازدواجي ڀروسي جي ڀڃڪڙي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وجي طرفان اهڙو تعلق ختم ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ باوجود اهو سلسلو جاري رهيو.
تبصرے بند ہیں۔