اسان جي دشمنن کي ڀلي پنهنجي ملڪ ۾ جاءِ ڏيو، پر پاڪستان خلاف دشمن جو ڪردار ادا نه ڪريو: خواجه آصف

اسلام آباد:  دفاع واري وزير خواجه آصف افغان طالبان جي گهرو وزير سراج الدين حقاني کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اسان جي دشمنن کي ڀلي پنهنجي ملڪ ۾ جاءِ ڏيو، پر انهن سان گڏجي پاڪستان خلاف دشمن جو ڪردار ادا نه ڪيو. پنهنجي سرزمين کي اسان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيو. اسان جي روايت، ثقافت ۽ دين اهو سيکاري ٿو ته جنهن گهر ۾ پناهه ورتي وڃي، ان جي ڀلائي گهري وڃي. خواجه آصف چيو ته حقاني صاحب، ماضي ۾ سوويت يونين خلاف جنگ دوران پاڪستان دل و جان سان توهان سان گڏ بيٺو رهيو. توهان ۽ توهان جا خاندان اسان جا مهمان رهيا.

اسان اوهان جي مڪمل مهمان نوازي ڪئي. ان وقت جا لکين افغان مهمان اڄ به پاڪستاني سرزمين تي پناهه گزین آهن ۽ هتي روزگار ڪمائي رهيا آهن. توهان به پنهنجي خاندان سميت اسان جا مهمان رهيا آهيو. خواجه آصف  چيو ته سوويت يونين خلاف اسان گڏجي جنگ وڙهي، اوهان ۽ اسان جو مقصد هڪ ئي هو، ۽ اهو مقصد اسان ٻنهي کي آمريڪا طرفان ڏنو ويو هو.  اسان توهان جي وڏن کان وٺي ٽن نسلن تائين مهمان نوازي ڪئي، پر بدلي ۾ ڇا مليو؟ اوهان اسان جي قاتلن کي پناهه ڏيو ٿا، معصوم ٻارن جي رت سان کيڏڻ وارن کي سيني سان لڳايو ٿا، ۽ اسان جي گهٽين ۽ محلن کي رت سان رڱڻ وارن جا ساٿي بڻجو ٿا.

تبصرے بند ہیں۔