ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ غيرقانوني ترسيل ماڻهن جي خلاف ڪيل آپريشن جي دوران سوين افغان شهرين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب اولڊ سٽي ايريا ۾ آپريشن ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ 88 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته رهائشي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 61 ڏوهارين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ڪيل ڪارروائي جي دوران 20 کان وڌيڪ افغان شهرين کي گرفتار ڪري ٿاڻي ڏانهن منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن ڊفينس جي مختلف علائقن ۾ به غيرقانوني طور تي ترسيل 4 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ به غيرقانوني طور تي ترسيل افغان شهرين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. انهي دوران غيرقانوني طور تي ترسيل 40 افغان شهرين کي گرفتار ڪري هولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔