جسم مان ضرورت موجب انسولين خارج ڪندڙ پيوند تيار

نيويارڪ: ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ جديد ترين حياتياتي مادن مان هڪ پيوند (امپلانٽ) تيار ڪيو ويو آهي جيڪو پهرين ٽائپ جي شگر جي مريضن لاءِ ضرورت موجب انسولين خارج ڪندو آهي.
اها تحقيق پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي جنهن کي رائس يونيورسٽي جي بائيو انجنيئر ڊزائن ڪيو آهي، انکي شگر جي عالمي تنظيم جي ڊي آر ايف ڊزائن ڪيو آهي، اهڙي ڪوشش ٻه پي ايڇ ڊي شاگرد ۽ استاد ڪئي آهي جن جا نالا اوميدوائسي ۽ جورڊن ملر آهن، جورڊن ملر گذريل 15 سالن کان اهڙي پيوند جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ هن هڪ خاص ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي آهي جنهن رت جي سنهين نالين کي استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ هاڻي هو ان کي ٿري ڊي پرنٽنگ ڏانهن کڻي آيو آهي. ان ۾ انسانن جي اسٽيم سيلز کي بائيو انجينئرنگ جي مدد سان بيٽا خليات ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جيڪي ضرورت پوڻ تي انسولين جو ڪجهه مقدار خارج ڪندا آهن. جنهن جي ذريعي رت ۾ شگر (گلوڪوز) جي مقدار هڪ خاص سطح تي رکي سگهجي ٿي.
ڊاڪٽر ملر جو چوڻ آهي ته انساني پينڪرياز ۾ موجود سيلز کي هڪ خاص طريقي سان ترتيب ڏنو ويندو آهي ۽ انهن ۾ رت جون رڳون هڪ خاص طريقي سان ترتيب ڏنل هونديون آهن. ٻنهي ماهرن ۾ فطرت جو اهو تاثر ساڳيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔