ڀارت ۾ بکايل ڀولڙن جو قافلو شهر ۾ داخل، ٿاڻي جو گهيراءُ، وڊيو وائرل

نئين دهلي : ڀارت ۾ بکايل ڀولڙن جو قافلو شهر ۾ داخل، ٿاڻي جو گهيراءُ، وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست اترپرديش جي ضلعي لکيم پور کيري ۾ اوچتو ڀولڙن جو هڪ وڏو قافلو شهر ۾ داخل ٿي ويو، ڀولڙن جو وڏو انگ ڏسي شهري پريشان ٿي ويا،ڀولڙا شهر جو گشت ڪندي پوليس اسٽيشن اڳيان پهچي ويهي رهيا، پوليس جي هڪ ٽيم ڀولڙن کي بکايل ڏسي کاڌو ڏنو ۽ اهي اوٻاريل ڳڙ جا چانور کائي روانا ٿي ويا. ان حوالي سان هڪ پوليس آفيسر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون گهر ويندي شهر ٻاهران ڀولڙا ڏٺا ۽ پوءِ 3 ڏينهن کين کاڌو ڏنو. آفيسر موجب چوٿين ڏينهن ڪم ۾ ڦاسي پوڻ سبب آئون کين کاڌو پهچائي نه سگهيس انڪري اهي ٿاڻي پهتا، ٻئي طرف ڀولڙن جي شهر۾ داخل ٿي ٿاڻي جوگهيروڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي جڏهن ته صارفين پاران دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن. ڪجهه صارفين پوليس جي زبردست واکاڻ ڪئي آهي سندن چوڻ آهي ته اسان سڀني کي جانورن جو ائين ئي خيال رکڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔