صوبي ۾ گورنر راڄ نه پيو لڳي، زرداري ليگ سنڌ مان ختم ٿي ويندي: حليم عادل شيخ

ميرپورماٿيلو: سنڌ اسيمبلي اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ چيوآهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳي رھيو پر سنڌ جي عوام کي لاوارث نه ڇڏيو ويندو، جلد سنڌ ۾ وزير اعظم راڄ نظر ايندو، هن چيو آهي ته عمران خان کي اپيل ڪئي آھي ته سنڌ ۾ ڊاڪو راج ختم ڪرڻ لاءِ رينجزر کان آپريشن ڪيو وڃي، سنڌ جا روڊ رستا غير محفوظ ٿي ويا آھن، ڌاڙيل موٽر وي سميت روڊن رستن تي فائرنگ ڪري رھيا آھن، ميرپور ماٿيلو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ڌاڙيل ايس ايس پيز کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، جلد وفاقي ادارن جي مدد سان امن بحال ڪرايو ويندو، هن چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ سنڌ جي عوام جو پئسو لڳايو ويو، ھڪ ھڪ ميمبر کي 10، 10 ڪروڙ ڏنا ويا، سي ايم جي جھاز ۾ پئسا پھچايا ويا، جلد عمران خان سنڌ جي دوري تي ايندو، پ پ جو دور ختم ٿيڻ وارو آھي ۽ زرداري ليگ سنڌ مان ختم ٿي ويندي، هن کان اڳ جروار ٿاڻي تي داخل ھنگامي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ واري ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ميرپورماٿيلو جي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوارن پيش ٿيو، ڪيس ۾ فريادي ۽ شاھدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا جنهن بعد ۾ ٻڌڻي 6 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔