سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز۾ مسلسل واڌ، ڪراچي ۽ شڪارپور جي سبزي منڊين ۾ ويڪسينيشن سينٽرز قائم

ڪراچي: سنڌ ۾ لاڳيتو ڪورونا وائرس ڪيسن ۾ اضافي سبب ڪراچي ۽ شڪارپور جي سبزي منڊين ۾ ويڪسي نيشن سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن، صوبائي وزير اسماعيل راهو جو جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ڪميٽي جي آفيسن ۾ عارضي ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، ڪراچي سبزي منڊي ۾ 200 سو ۽ شڪارپور ۾ 60 کان وڌيڪ واپارين ۽ شھرين کي ويڪسين لڳائي وئي، گراهڪن ۽ شهرين کي ماسڪ ۽ ويڪسين ڪارڊکانسواءِ ڪراچي سبزي منڊي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي، اسماعيل راھو جو چوڻ آهي ته زراعت جي کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن لاڙڪاڻي سبزي منڊي ۾ ويڪسي نسيشن سرٽي فڪيٽ چيڪ ڪيا۽ ڪيترن کي وارننگ ڏني، صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو مارڪيٽ ڪميٽي جي ملازمن ڪوروناويڪسين لڳرائڻ ۽ سماجي فاصلو رکڻ لاء آگاھي مھم به ھلائي، ڪورونا ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪري سبزي منڊين ۾ داخل ٿيڻ ڏنو پيو وڃي، ميرپورخاص ۾ زرعي ٻجن، ڀاڻ جي دڪانن تي ڪورونا سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيا ويا ۽ ماسڪ ورھايا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔