افغانستان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ گهرو ويڙهه جا پاڪستان جي قبائلي علائقن تي اثر پوندا،وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آھي تھ افغانستان صورتحال جو پاڪستان کي ذميوار قرار ڏيڻ افسوسناڪ آهي، افغانستان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ گهرو ويڙهه جا پاڪستان جي قبائلي علائقن تي اثر پوندا، خطي جي امن لاءِ افغان حڪومت ۽ طالبان گڏجي ڪم ڪن، اسان جي پاليسي آهي ته هاڻ افغانستان کي ٻاهران ڪير به ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي، وزير اعظم عمران خان افغان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته افغان حڪومت ثبوتن کانسواءِ لاڳيتو پاڪستان مٿان سنگين الزام لڳائي رهي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو ۽ اسان افغانستان کي پاڙيسري نه پر ڀاءُ سمجهون ٿا، وزير اعظم عمران خان چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڪشميرين مٿان ظلم ۽ بربريت جو نئون باب شروع ڪيو، هندو توا ۽ آر ايس ايس نظريي جا حامي مسلمان ۽ عيسائين مٿان ظلم ڪري رهيا آهن، ڳئون ماتا جا پوئلڳ مسلمانن کي سرعام قتل ڪري رهيا آهن پر انهن مٿان ڪو فرد جرم لاڳو نٿو ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔