سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ افغان صورتحال سبب سنڌ ۾ سڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: قبائلي تڪرارن جَي خاتمي جِي ذميواري قبائلي سردارن کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدار هيٺ امن امان جي صورتحال بابت سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرز، آءِ جي سنڌ سوڌو اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ 2021 ۾ 254 ماڻهو قتل ٿيا جن ۾ اڪثر ذاتي دشمني جا هئا، 2020 ۾ 508 ماڻهو قتل ٿيا هئا، جڏهن ته 15 جولاءِ 2021 تائين مجموعي طور تي اغوائن جا 28 ڪيسز ٿيا جن ۾ صرف 12 مستند هئا، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اغوا ۾ ملوث 36 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ماريا ويا، 2021 ۾ ڀتا خوري جا 74 واقعا پيش آيا، 72 ڪيسز مان 62 ڀتا خوري جا ڪيسز پڪڙيا ويا، 4 ڀتا خورن کي ماريو ويو ۽ 94 گرفتار ڪيا ويا، ڀتا خوري جي 12 ڪيسز ۾ 5 آرگنائزڊ گينگ ملوث هئا.
سنڌ اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ قبائلي تڪرارن جَي خاتمي جِي ذميواري قبائلي سردارن کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو، ڪچي ۾ روڊ نيٽ ورڪ وڇائڻ ۽ ڌاڙيلن کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ جو به فيصلو ڪيو ويو،ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته قبائلي تڪرارن تان سوين ماڻهو قتل ٿيا آهن، جن ۾ تيغاڻي- بجاراڻي تڪرار تان 28 ۽ سبزوئي-چاچڙ تڪرار تان 12 ڄڻا مارجي ويا، آءِ جي سنڌ موجب هلندڙ سال آپريشن دوران گهوٽڪي، سکر، ڪشمور ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ 305 ڏوهاري ماريا ويا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته قبائلي تڪرارن جي خاتمي جو حل رڳو سردار ئي ڪري سگهن ٿا.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 2021 ۾ 2039.4 ڪيسز ٿيا جن ۾ اڪثر موبائل چوري جا هئا، هن حساب سان روزاني شهر ۾ 76،6 ڪيسز ٿي رهيا آهن، ان موقعي تي وڏي وزير ان مارڪيٽس ۾ ڪارروائي جي هدايت ڪئي ته جيڪي موبائل فون چوري جا پارٽس وڪرو خريد ڪن ٿا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 2021 ۾ هر مهيني 16، 9 فور ويلز گاڏيون چوريون ٿين ٿيون، جڏهن ته 2 ويلز جي چوري ڪراچي ۾ 335.2 هر مهني رڪارڊ ٿين ٿيون ۽ هر مهيني 2 ويلز 3501.7 گاڏيون چوري ٿين ٿيون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرمنل جا 189 انڪائونٽرز ٿيا آهن، 25 اسٽريٽ ڪرمنلز انڪائونٽر ۾ ماريا ويا آهن ۽ 607 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 982 اسٽريٽ ڪرمنلز گرفتار ڪيا ويا ۽ 3735 هٿيار اسٽريٽ ڪرمنل کان هٿ ڪيا ويا آهن، ان تي وڏي وزير آءِ جي هدايت ڪئي ته کيس هر صورت ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.
سنڌ ۾ غير رجسٽرڊ ۽ ايف آءِ آر ۾ شامل گاڏين کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي آهي، اڪثر گاڏين تي پرائيوٽ ماڻهو هٿيار کڻي ويٺل نظر ايندا آهن، هٿيارن جي نمائش جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏينداسين، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي گارڊز جي رجسٽريشن جو عمل جاري آهي.
اجلاس ۾ افغان صورتحال سبب سنڌ ۾ سڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ، وڏي وزير ادارن کي سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن تي نظر رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد ۽ ٻيو شڪي ايڪٽوٽيز تي نظر رکي وڃي، ڪجهه عنصر فرقيواريت کي واڌئڻ جي ڪوشش ڪندا جن کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔