پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ چئن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب منسوخ ٿي وئي.
تفصيل موجب برج ٽائون ۾ کيڏيل پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽي 20 ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي ۽ پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ويسٽ انڊيز مقرر ڪيل اوورز ۾ 85 رنسون ٺاهيون. حسن علي ٻه وڪيٽون ورتيون ، جڏهن ته محمد وسيم جونيئر ، حفيظ ۽ عثمان قادر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
برسات سبب نو اوورز تائين مئچ کي محدود ڪيو ويو هو. پهرين اننگز کانپوءِ ٻيهر مينهن وهڻ شروع ٿيو ۽ امپائر ٻنهي ڪپتانن جي صلاح مشوري کانپوءِ ميچ ختم ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔