گاڏي هلائي ساهرين ويندڙ ڪنوار جي وڊيو وائرل

ڀارت سان واسطو رکندڙ هڪ ڪنوار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ گاڏي جي ڊرائيونگ سيٽ تي اسٽيرنگ سنڀالي ويٺي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ ڊرائيور جي ڀرسان واري سيٽ تي ويٺو آهي ۽ ڪنوار بهترين انداز ۾ ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي آهي، وائرل ڪلپ ۾ گهوٽ جي طرفان ڪنوار کي هدايتون به ڏنيون پيون وڃن، جنهن بعد ناري مهارت سان گاڏي هلائي پنهنجي ساهرن جي طرف وڃي رهي آهي، وڊيو ۾ ڀارت جي روايتي رسم ۽ رواج جي بر عڪس ڪنوار جو هي انداز بي حد پسند ڪيو پيو وڃي، صارفين طرفان ناري سوڌو نوجوان ۽ ان جي گهرن وارن جي به تعريف ڪئي وئي، جن کي وڊيو ۾ تاڙيون وڄائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔