ڪتو پنهنجي گم ٿيڻ جي رپورٽ لکرائڻ ٿاڻي تي پهچي ويو

ٽيڪساس: آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر اوڊيسا ۾ انتهائي انوکي واقعي پوليس کي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اوڊيسا شهر ۾ مقامي پوليس اسٽيشن ۾ هڪ ڪتو داخل ٿيو ۽ سڪون سان هلندو فرنٽ ڊيسڪ تائين وڃي پهتو. هن پنهنجا اڳيان پير ڪائونٽر تي رکي ڇڏيا ۽ آرام سان بيهي رهيو، ائين لڳي رهيو هو جيئن هو موجود اهلڪار سان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندو هجي، ڪتي کي ڏسي اتي موجود پوليس اهلڪارن کي اندازو ٿي ويو ته هي ڪو پالتو ۽ سيکاريل ڪتو آهي جيڪو پنهنجي مالڪ کان ڌار ٿي ويو آهي ان لاءِ هو پنهنجي گم ٿيڻ جي رپورٽ لکرائڻ اتي اچي ويو آهي. ڪتي جو سڪون ۽ اطمينان ڏسي پوليس وارن کي حيرت ٿي پر بدقسمتي سان ان جي ڳلي ۾ ڪابه سڃاڻپ جي نشاني موجود نه هئي جنهن سان ان جي مالڪ جي باري ۾ خبر پئجي سگهي پر همدردي تحت پوليس وارن ڪتي سان گڏ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو ڪجهه دير بعد جڏهن کيس ڪوبه وٺڻ نه آيو ته ان جي تصوير اينيمل ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ کي موڪلي وئي ته جيئن هو سندس مالڪ جي ڳولا ڪري سگهن، تصوير پهچڻ کان اڳ ئي لاڳاپيل کاتي وارا اتي پهتا پر ڪتو پاڻ ئي ٻاهر هليو ويو ۽ خبر ئي نه پئجي سگهي ته هو ڪٿان کان آيو هو، ٻئي ڏينهن جڏهن ان ڪتي جون تصويرون سوشل ميڊيا ۽ مقامي ويب سائٽس تي ظاهر ٿيون ته ڪتي جي مالڪ پوليس اسٽيشن تي فون ڪري ٻڌايو ته هن ڪتي جو نالو(چيڪو) آهي جيڪو ڪالهه شام کان گم ٿي ويو هو پر رات دير سان پاڻ ئي گهر واپس به اچي ويو آهي. پوليس موجب هي ڪتو پوليس اسٽيشن کان صرف هڪ ميل جي فاصلي تي ئي هڪ گهر ۾ رهندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔