آزاد ڪشمير ۾ ڪاميابي عوام جو عمران خان تي اعتماد جو اظهار آهي: فواد چوڌري

ڪراچي: سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاندار ڪاميابي عوام جو وزيراعظم عمران خان تي غير معمولي اعتماد جو اظهار آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اپوزيشن پنهنجي قيادت ۽ سياست ٻنهي تي نظرثاني ڪري، وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف کي ماڻهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، متبادل قيادت جو وقت آهي، محب سان ملاقاتون ڪرڻ وارن جو ڪو به مستقبل ناهي، ٻئي طرف سينيٽر فيصل جاويد چيوآهي ته شڪريه ڪشمير، هي عمران خان جي نظريي جي فتح آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ ووٽ عمران خان جي نالي تي پيا، هن فتح جو سڄو ڪريڊٽ آزاد ڪشمير جي باشعور عوام کي وڃي ٿو، ڪشميرين ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي رد ڪري ڇڏيو، ڪشمير ۾ حقيقي تبديلي ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔