مرزاپور ڀرسان وحشي جوابدار هٿان قتل ڪيل 2عورتن ۽ 2 ٻارڙين جي آلين اکين سان تدفين

مرزاپور: مرزاپور ڀرسان وحشي جوابدار هٿان بيدردي سان قتل ڪيل ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙين جي آلين اکين سان تدفين، گذريل ڏينهن فقير ڳوٺ ۾ جوابدار غلام اصغر جوڻيجو پنهنجي گهر واري سلميٰ ۽ ٻن ڌيئرن ڪبري، اقصيٰ ۽ چاچي فرزانه جوڻيجو کي قتل ڪيو هو، هڪ ئي ڪٽنب جا 4 جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ جِي لهر، مقتولا سلميٰ جَي پيءُ نثار جوڻيجو الزام هنيو آهي ته جوابدار جو ذهني توازن درست آهي، هن پنهنجي پٽن کي گهران ڪڍي اسان جي نياڻين کي قتل ڪيو، جوابدار ڪلاشنڪوف سوڌو گرفتار ٿيو پر پوليس رشوت عيوض ڪيس خراب ڪرڻ ۾ رڌل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔