افغان فوجين کي پاڪستان ۾ پناھ ۽ محفوظ رستو ڏنو ويو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي : آءِ ايس پي آر ترجمان چيو آهي ته پاڪ فوج افغان فورسز جي 5 آفيسرز سوڌو 46 اهلڪارن کي پناهه ۽ محفوظ رستو ڏنو آهي، آءِ ايس پي آر موجب افغان نيشنل آرمي جي مقامي ڪمانڊر چترال جَي ارندو سيڪٽر تي پاڪ فوج سان پناهه لاءِ رابطو ڪيو، افغان فوجي رات دير سان ارندو سيڪٽر تي پهتا ۽ پناهه جي درخواست ڪئي، افغان فوجين کي کاڌو، پناهه ۽ طبي امداد ڏني وئي، پناهه جي درخواست ڪرڻ وارن ۾ بارڊر پوليس جا اهلڪار به شامل آهن، آءِ ايس پي آر موجب پناهه ورتل فوجين کي ضروري طريقيڪار بعد افغان اختيارين حوالي ڪيو ويندو، اُن کان اڳ پهرين جولاءِ تي به 35 افغان فوجين محفوظ رستي لاءِ درخواست ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔