پاڪستان جوهردشمن نوازشريف جو ويجهو دوست آهي: فواد چوڌري

ڪراچي: سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نريندر مودي هجي، حمد الله محبت يا امرالله صالح هر پاڪستاني دشمن نواز شريف جو ويجهي دوست آهي، وفاقي وزير نواز شريف کي افغانستان جي قومي سلامتي مامرن جي صلاحڪار حمد الله محب سان ملاقات تي سخت تنقيد جونشانو بڻايو، فواد چوڌري سوشل ميڊيا جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ خطرناڪ هو، ڇو ته اهڙا ماڻهو عالمي سازشن ۾ مددگار بڻجي ويندا آهن، هن چيو آهي ته نواز شريف جي افغانستان ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي سڀ کان وڏي حمايتي حمد الله محب سان ملاقات اهڙي ئي ڪارروائي جي مثال آهي، وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته نريندر مودي هجي، حمد الله محبت يا امرالله صالح هر پاڪستان جو دشمن نواز شريف جو ويجهو دوست آهي. ٻئي طرف وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مودي ۽ جندال سان قربت، مودي ۽ اسرائيل سان ملي ڪري عمران خان جو فون هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش، انڊيا ۾ ويهي ڪري پاڪستاني فوج جي خلاف زهر اوڳاڇڻ، ڊان ليڪس ۽ هي تازو اڳڀرائي پاڪستان جي رياست کي گاريون ڏيندڙ شخص سان ملاقات، ڇا هن سڀ سان واضح نٿو ٿئي ته نواز شريف جي ايجنڊا ڇا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔