ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 32 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 1800 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن. 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 1841 هاڪاري ڪيسز  رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾  ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 37 هزار 636 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1841 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. اڄوڪي ڏينهن هن وبا وڌيڪ 32 مريضن  کان حياتيون کسي ورتيون. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 4.89 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي.

سنڌ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جو انگ 3 لک 62 هزار 182، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 41 هزار 359، پنجاب ۾ 3 لک 51 هزار 707، اسلام آباد ۾ 85 هزار 230، بلوچستان ۾ 29 هزار 357، آزاد ڪشمير ۾ 22 هزار 592 ۽ گلگت بلتستان ۾ 7 هزار 607 ٿي وئي آهي.

ڪورونا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 10 هزار 909 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 5 هزار 785، خيبرپختونخواهه 4 هزار 405، اسلام آباد 789، گلگت بلتستان 122، بلوچستان ۾ 321 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 608 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔