نواز شريف ۽ مريم نواز جي ٻولي سندن سياست تباهه ڪري ڇڏيندي،شيخ رشيد

لاھور : وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي ٻولي سندن سياست تباهه ڪري ڇڏيندي، نواز شريف اڄ ڏيهه واپسي جو اعلان ڪري، کيس خصوصي چارٽر جهاز ۽ فول پروف سيڪيورٽي ڏينداسين، شهباز شريف ويچارو وڏي ڀاءُ کان ڊنل ۽ لاپتا آهي، لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز عملي سياست ڪري رهي آهي، شهباز شريف ڪڏهن تعزيت ۽ ڪڏهن واڌاين جا بيان ڏيندو آهي.
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته آزاد ڪشمير جي چوندن ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب ٿيندي، سڀاڻي لال حويلي مان پي ٽي آءِ جي ڪاميابي جو اعلان ڪندس، پيپلز پارٽي کي نواز ليگ کان وڌيڪ سيٽس ملنديون، سوشل ميڊيا تي خبر پئي آهي ته نواز شريف را جي ايجنٽس سان ملاقاتون پيو ڪري، نواز شريف لنڊن مان جيڪو بيا ڏنو، اُهو غير ذميواراڻو آهي، افغان سفير جي ڌيءُ اغوا نه ٿي هئي، داسو ڊئم تي جلد ڪم شروع ٿي ويندو.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔