ڀارت ۾ برسات جي تباهي، 125 فوت

نئين دهلي : ڀارت ۾ سانوڻيءَ جي برساتن جو سلسلو جاري آهي ۽ مختلف حادثن ۾ هيل تائين فوتين جو انگ 125 ٿي ويو آهي.
انهن برساتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر مهاراشٽرا رياست آهي، جتي 68 ڄڻن جي گم ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
هوڏانهن رپورٽن موجب ممبئي جي ڏاکڻي حصي ۾ مٽيءَ جي ڇِپ ڪِرڻ جي هڪ واقعي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.
گوا ۽ ممبئي جي سخت متاثر علائقن مان ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ امدادي ڪارڪنن سان گڏ فوج به مدد ڪري رهي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته تيز برساتن سبب ڪيترن ئي درياهن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔