ماهرن ڊيلٽا ويرينٽ جي تيزي سان پکڙجڻ جا سبب ڳولي ورتا

لنڊن: سائنسدانن ڪورونا جي ڀارتي قسم ڊيلٽا جي تيزي سان پکڙجڻ جا سبب ڳولي ورتا آهن.برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب چين جي ريسرچ سينٽر ۾ ڪيل تحقيق ۾ ڪورونا وائرس جي ڀارتي قسم ڊيلٽا سان متاثر مريضن جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ اهو انڪشاف سامهون آيو آهي ته ڊيلٽا وائرس انتهائي تيزي سان پاڻ پنهنجون قسمون ٺاهيندو آهي جڏهن ته وائرس جي گذريل قسم جي مقابلي ۾ ڊيلٽا جون نشانيون ظاهر ٿيڻ جو وقت انتهائي گهٽ آهي.گذريل سال سيپٽمبر ۾ ڪورونا جو ڊيلٽا ويرينٽ سڀني کان پهرين ڀارت ۾ سامهون آيو هو جنهن کان پوءِ ڀارتي صحت واري وزارت ان کي ڊبل ميوٽنٽ جو نالو ڏنو. هلندڙ مهيني چين ۾ ڪيل تحقيق ۾ ماهرن گوانگ زو شهر ۾ ڊيلٽا جي پهرين لهر مان متاثر ٿيندڙ 62 مريضن جو جائزو ورتو جنهن ۾ ماهرن ان مريضن جو وائرس جي پهرين قسم مان متاثر ٿيندڙ مريضن سان ڀيٽ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ماهر انهي نتيجي تي پهتا ته جڏهن ڊيلٽا ويرينٽ ڪنهن شخص مٿان حملو ڪندو آهي ته اهو تيزي سان پنهنجون قسمون ٺاهيندو آهي جيڪو وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ جو سبب بڻجندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔