ڪراچي جي واپارين جو سنڌ حڪومت جو 6 وڳي واپار بند ڪرڻ وارو فيصلو مڃڻ کان انڪار

ڪراچي: تاجر اتحاد ۽ تاجر ايڪشن ڪميٽي سنڌ حڪومت جي ڪاروبار بابت ڪورونا پابندين کي رد ڪري ڇڏيو.
آل ڪراچي تاجر اتحاد جي چيئرمين عتيق مير جو چوڻ هو ته ڪراچي جي واپاري برادري سنڌ ٽاسڪ فورس جي فيصلن کي رد ڪري ٿي، ڪورونا جا احتياطي فيصلا غير سودمند ۽ وبا کان وڌيڪ خطرناڪ آهن.
سندس چوڻ هو ته مارڪيٽون 6 وڳي بند ٿيڻ سان شهر ٽريفڪ جو جهنگ بڻجي ويندو جڏهن ته شادي هالز، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس تي پابندين سان مزدور ۽ ڏهاڙي دار اجرت تي ڪم ڪندڙ فاقا ڪشي ڪندو.
عتيق مير مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فيصلن تي نظرثاني ۽ مشاورت سان قابل عمل ۽ فائديمند بندوبست ڪري.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته تاجر ايڪشن ڪميٽي بنا مشاورت جي فيصلي کي رد ڪري ٿي، ڪراچي جا واپاري انتهائي قربانيون ڏئي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔