عيد تي وڌيڪ گوشت کائڻ جو انجام، 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اسپتال پهچي ويا

پشاور ۾ عيدالاضحيٰ تي وڌيڪ گوشت کائڻ کان پوءِ معدي ۽ پيٽ جي سور جي شڪايت سبب 7 هزار کان وڌيڪ مريض اسپتال آندا ويا.
ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا موجب ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب متاثر 2 هزار 500 مريض آندا ويا.
خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ پيٽ جي سور جي شڪايت تي 4500 مريض آندا ويا جنهن مان 331 مريضن کي داخل به ڪيو ويو.
اختيارين موجب ڪجهه مريضن کي شروعاتي طبي امداد کان پوءِ اسپتال مان فارغ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔