دنيا جو پھريون ٻانھن جو ٽرانسپلانٽ آپريشن، معذور شخص کي 23 سالن بعد ھٿ ملي ويا

ڪراچي : 1998 ۾ اليڪٽرڪ شاڪس ۾ پنھنجون ٻئي ٻانھون وڃائيندڙ شخص تي زندگي ڪيترن سالن کانپوءِ مھربان ٿي وئي، برطانوي اخبار ڊيلي ميل جي ھڪ رپورٽ موجب 49 ورھين جي فليڪس گريٽرسن نالي شخص جو چوڻ آھي تھ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ھڪ ڀيرو وري ٻانھن کي گھمائي ڦيرائي سگھي ٿو، ان جي ڪري جلد کان جلد پنھنجي گھرواري ۽ پيارن کي ٻانھن ۾ وٺڻ جو منتظر آھي، رپورٽ موجب 1998 ۾ اليڪٽريڪل شاڪس بعد فليڪس پنھنجون ٻئي ٻانھون وڃايون ھيون، حادثي کانپوءِ ڊاڪٽرز پاران فليڪس جا 54 آپريشن ڪيا ويا، جنھن دوران ان جي جسم مان سڙيل ٻانھن کي الڳ ڪيوويو ۽ ھو 3 مھينن تائين ڪوما ۾ رھيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔