ويڪسين نه ڪرائيندڙن جا ڪھڙا ڪھڙا اڪائونٽس بلاڪ ٿيندا؟

ڪراچي: سنڌ ۾ ويڪسين نه ڪرائيندڙ جي رڳو موبائيل سِم نه، پر سوشل ميڊيا اڪائونٽس به بلاڪ ڪيا ويندا، سنڌ سرڪار طرفان ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف مرحليوار ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آھي، صحت کاتي طرفان اين سي او سي کي ليٽر اُماڻي فيصلن بابت آگاهي ڏني وئي آھي، ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف چئن مرحلن ۾ ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آھي، ليٽر ۾ سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ ويڪسين نه ڪرائيندڙن جون موبائيل سِمز بلاڪ ڪيون وڃن، ٻئين مرحلي ۾ فيس بُڪ، واٽس ايپ سوڌو سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ وڃن، ٽئين مرحلي ۾ موبائيل فون ذريعي ڪم ڪرڻ جي سهولت ختم ڪئي ويندي، چوٿين ويڪسين نه لڳرائيندڙن جي موبائيل فوِن سِم مڪمل بلاڪ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔