نوازشريف کي مودي جو خاص پيغام ملي چڪو آهي: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته افغان وزير نوازشريف جي لاءِ مودي جو خاص پيغام آندو.

وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل نوازشريف جي افغان نيشنل سيڪيورٽي چيف ۽ مملڪتي وزير سان ملاقات تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي خلاف گٿا لفظ استعمال ڪندڙن سان نوازشريف جي ملاقات تازي اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڇا هن سان صاف ظاهر نٿو ٿئي ته نوازشريف جو ايجنڊا ڇا آهي؟ خبر پئي آهي ته افغان وزير نوازشريف جي لاءِ  مودي جو خاص پيغام آندو.

شهباز گل چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن کي تڪراري بنايو ويندو ۽ ملاقات ان ئي منافقانه ايجنڊا تي ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي خلاف گٿا لفظ استعمال ڪندڙ  ۽ نوازشريف جي گڏيل دلچسپي ان کان علاوه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. پاڪ فوج جي خلاف  زهر اوڳاڇيندڙ مودي سان ويجهڙائي رکندڙ کي ڪشميرين جي جذبات سان کيڏڻ نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔