ويسٽ انڊيز ۾ اعتماد جي بحالي جو سفر شروع ڪرڻ جا خواهشمند آهيون: مصباح

لاهور: قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته پاڪستان ويسٽ انڊيز ۾ اعتماد جي بحالي جو سفر شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
بارباڊوس مان ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباالحق چيو ته انگلينڊ جي سيريز کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ فائنل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ان جي گهڻو ويجهو آهيون تنهن هوندي به مسئلا اڃا آهن.
مصباح الحق جو چوڻ هو ته گذريل سيريز ۾ ٽاپ آرڊر بهتر رهيو ، مڊل آرڊر پرمارم نٿا ڪن، محمد حفيظ گذريل سال واري ڪارڪردگي ورجائي نٿو سگهي، مڊل آرڊر به پنهنجو سٺو ڪردار ڏيکاري ته ٽيم جي لاءِ بهتر هوندو.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن ڪا به ٽيم سٺي ڪرڪيٽ ناهي کيڏندي ته اڳ ۾ يا پوءِ بيٽنگ ڪرڻ سان ڪو خاص فرق ناهي پوندو، بحرحال انگلينڊ ۾ جيڪو به ٿيو ان کي وساري هاڻي اعتماد جي بحالي جو سفر شروع ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔