چڻن جي دال ۽ کِير سان سانوري رنگ کي خوبصورت بڻايو

سانورو رنگ هونئن ته ڪو عيب نه آهي پر تنهن هوندي به خوبصورت ۽ سهڻي رنگ جي ڀيٽ ۾ سانوري رنگ واري ماڻهن کي ندامت جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. سانوري رنگ جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون توڙي مرد گهريلو محفلن ۽ دوستن اڳيان مزاق ۽ ٽوڪ جو نشانو پيا بڻبا آهن. جنهن سبب سندن اعتماد ۾ کوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ سانوري رنگ جا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي محدود ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا جيڪو ذهني دٻاءَ جو پڻ سبب بڻجي ٿو. پر هاڻي سانوري رنگ وارن کي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، انهن جي لاءِ ڪجهه اهڙا ڪرشماتي نسخا به موجود آهن جن جي استعمال سان اهي پنهنجي سانوري رنگ کي خوبصورت بڻائي دوستن ۽ گهريلو محفلن جي رونق بڻجي سگهن ٿا. شيون چڻن جي دال ۽ کِير چڻن جي دال کي ڪجهه وقت لاءِ پسائي رکو، جنهن کانپوءِ ان کي ڪنهن مشين ۾ پيسي ۽ پوڊر بڻايو، ان پوڊر ۾ مقدار موجب کِير وجهي هڪ پيسٽ ٺاهي وٺو. رڳو ايتري ڪرڻ سان توهان جو نسخو تيار ٿي ويندو ۽ توهان انکي آساني سان استعمال ڪري سانوري رنگ مان نجات ماڻي سگهو ٿا. ان پيسٽ کي درست نموني سان منهن تي لڳايو ۽ انکي پندرهن کان ويهه منٽ ڇڏي ڏيو، آخري ۾ تازي پاڻي سان منهن کي صاف ڪري ڇڏيو، اهڙو عمل روزانو ڪرڻ سان ڪجهه ڏينهن جي اندر توهان جو رنگ خوبصورت بڻجي ويندو. ان سان گڏ سرنهن جي تيل ۾ ليمي جون کِلون وجهي نسخو تيار ڪري روزاني استعمال ڪرڻ سان به سانوري رنگ کي خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔