مائڪرو سافٽ جديد ترين ”ونڊوز 365“ آپريٽنگ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو

مائڪرو سافٽ ڪارپوريشن پنهنجي جديد ترين سسٽم ”ونڊوز 365“ جو اعلان ڪندي ٻڌايو آهي ته ان کي 2 آگست 2021 تي جاري ڪيو ويندو، جڏهن شروعاتي طور تي اهو رڳو ڪاروباري ۽ واپاري ادارن جي لاءِ هوندو.
خبرن موجب نئون ونڊوز آپريٽنگ سسٽم ”ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سروس“ استعمال ڪندو، ان جو مطلب اهو آهي ته هي آپريٽنگ سسٽم واهپيدار جي ڪمپيوٽر تي نه پر هڪ آن لائين ڪمپيوٽر (ڪلائوڊ سرور) تي انسٽال ٿيندو.
نه رڳو ايترو پر ونڊوز 365 تي هلندڙ سمورا يوٽيلٽي سافٽر ويئر به ان ئي ڪلائوڊ سرور تي انسٽال ڪيا ويندا، جنهن جو وڌيڪ هڪ اهو مطلب به ٿيو ته ونڊوز 365 استعمال ڪرڻ لاءِ گهٽ طاقتور ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ يا سمارٽ فون به ڪافي رهندو پر هر صورت ۾ مستقل انٽرنيٽ ڪنيڪشن لازمي گهربل هوندو.
ان کانسواءِ ونڊوز 365 تائين پهچ جي لاءِ واهپيدارن کي هڪ ”برائوزر“ يا ايپ جي ضرورت هوندي.
واضح رهي ته مائڪرو سافٽ اڳواٽ ئي ”آفيس 365“ ۽ ايڪس باڪس اسٽريمنگ کي پنهنجي ”ازور ڪلائوڊ“ تي منتقل ڪري چڪو آهي، ونڊوز 365 ان ئي تسلسل جو ٻيو اهم ترين قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
”مائڪرو سافٽ اگنٽ“ ڪانفرنس ۾ ونڊوز 365 جي اعلان دوران مائڪرو سافٽ ڪارپوريشن طرفان اهو نه ٻڌايو ويو ته ان آپريٽنگ سسٽم جي ماهوار، ٽن مهينن، ڇهه مهينن جي يا سالياني فيس ڪيتري هوندي ۽ اهو به معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ان آپريٽنگ سسٽم جي پهچ عام واهپيدارن لاءِ ڪڏهن موجود هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔