نيوزيلينڊ جي پاڪستان دوري دوران ٽي ٽوئنٽي ميچن جو انگ وڌائڻ جي تجويز

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ جي پاڪستان دوري دوران 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ پاڪستان دوري دوران نيوزيلينڊ کي 3 بدران 5 ميچون کيڏڻ جي تجويز ڏني آهي.
پي سي بي ٻه واڌو ٽي ٽوئنٽي ميچن جي درخواست جي تصديق ڪندي واضح ڪيو ته اسان ڪيوي بورڊ کي 3 بدران 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون جي آڇ ڪئي آهي ته جيئن ٽيمن کي ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مدد ملي سگهي.
بورڊ موجب اڃا ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، ميچن جو انگ 5 ڪرڻ ممڪن هوندو، ڇو ته اڃا تاريخن جي حتمي منظوري ناهي وئي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن طئي ٿيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔