فلڪ مون کي اوچتو پرپوز ڪيو هو: سارا خان

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا سارا خان انڪشاف ڪيو آهي ته سالگرهه ڏينهن فلڪ جو پرپوز ڪرڻ مون لاءِ سرپرائز هو.
سارا خان ڪجهه وقت اڳ هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي، جتي هن گلوڪار فلڪ شبير سان شادي جي موضوع تي تفصيلي گفتگو ڪئي.
هن ٻڌايو ته سالگرهه ڏينهن پرپوز ڪرڻ جو پلان فلڪ شبير ڀيڻن نور ۽ عائشا سان گڏجي ٺاهيو هو، هن آتشبازي ڪرائي، مون کي منڊي پارائي، جنهن جي مون کي اميد نه هئي.
سندس چوڻ هو ته هر ڇوڪري چاهيندي آهي ان کي پرپوز ڪيو وڃي، مون کي فلڪ جو اهو انداز ڏاڍو وڻيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔