فضائي گدلاڻ سان ٻارن جي ذهني صلاحيت به متاثر ٿئي ٿي

اهڙا ٻار جيڪي ننڍي هوندي ئي فضائي گدلاڻ سان متاثر هوندا آهن، ننڍي عمر ۾ انهن جي پڙهڻ ۽ سکڻ جي صلاحيتن کي نقصان پهچندو آهي.
ماهرن ته ايترو به چيو آهي ته هڪ پاسي فضائي گدلاڻ سان انهيبٽري ڪنٽرول متاثر ٿيندو آهي، جنهن سان سمجهڻ جي صلاحيت ۾ به گهٽتائي ايندي آهي پر اڳتي هلي گهٽ عمر ۾ فضائي گدلاڻ جا تعليم تي اثر وڌيڪ گهرا پوندا آهن، ان مرحلي ۾ ٻار پڙهائي، لفظن جي سڃاڻ، سمجهڻ ۽ رياضي جا سوال جواب حل ڪرڻ ۾ به پٺتي رهجي ويندا آهن.
اهڙي تحقيق ڪولمبيا سينٽر فار چلڊرين انوائرنمينٽل هيلٿ (سي سي اي ايڇ) ۽ ٻين ادارن ڪئي آهي، جنهن جا تفصيل جرنل فار دي انوائرنمينٽل ۾ ڇپيا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گدلاڻ ۾ ساهه کڻڻ وارا ٻار فطري طور پنهنجو رد عمل ناهن ڏيکاري سگهندا، مثال طور جيڪڏهن ڪنهن اڇلايل تير جو رخ مٿي آهي ته ٻار ”مَٿي“ چوندو، سنگل تي سائي رنگ جي بتي ٻرندڙ ڏسي ٻار هلڻ جو آواز ڪڍندو پر متاثر ٻار اهڙا جواب به صحيح نموني ناهن ڏئي سگهندا.
فضائي گدلاڻ سبب ٻارن جون اهي بنيادي ڳالهيون متاثر ٿي وينديون آهن، جن تي وڌيڪ تعليمي عمارتون قائم ٿينديون آهن.
سائنسندانن موجب ٻار جيڪڏهن گهڻي وقت تائين گندي فضا ۾ وڏا ٿيا ته ضروري آهي انهن کي نقصان جي ازالي لاءِ دوائون ڏنيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔