ميان مٺو جيڪوڪري پيو، اُن سان اسلام ۽ پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچي پيو:وفاقي وزير نور الحق

اسلام آباد: مذهبي مامرن جي وفاقي وزارت 18 سالن جي عمر کان اڳ مذهب جي تبديلي تي پابندي جي مخالفت ڪري ڇڏي، اقليتي مامرن بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس دوران وفاقي وزير نور الحق قادري چيو آهي ته 18 سالن کان اڳ مذهب جي تبديلي تي پابندي جي مخالفت ڪريون ٿا، ڪنهن ماڻهو جي دل 14 سالن جي عمر ۾ ٻئي مذهب ۾ وڃڻ لاءِ چئي ته کيس روڪي نٿو سگهجي، 18 سالن جي عمر کان اڳ شادي يا نڪاح الڳ مامرو آهي، شادي لاءِ عمر جي حد وارو مامرو اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن اُماڻيو ويو آهي، سنڌ ۾ ڪير جبري مذهب تبديل ڪري رهيو آهي ته اُن کي ڏسڻو پوندو، ميان مٺو کي گهرائي ٻڌايو وڃي ته توهان جيڪو ڪجهه ڪريو پيا، اُن سان اسلام ۽ پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته بدين ۾ 60 ماڻهن کي ويهاري اجتماعي طور مذهب تبديل ڪرايو ويو، هاڻي ته سنڌ اندر حڪومت ۾ شامل هڪ ماڻهو فتوائون ڏيڻ لڳو آهي، هڪ هاري کي قرض معاف ڪرائڻ لاءِ مذهب تبديل ڪرڻ جو چيو ويو، اهو جبر ناهي ته ڇا آهي، اقليتن کي تحفظ نه ڏنو ويو ته اسان به کُلي ڳالهائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔