نيب طرفان ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين جي بيان جي ترديد

اسلام آباد: نيب طرفان ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين جي بيان جي ترديد ڪئي وئي آھي، نيب پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تھ ڪامورا شاهي ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، نيب ڪامورن جو احترام ڪري ٿو ۽ سندن خدمت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، نيب طرفان ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين جي بيان جي ترديد ڪئي وئي آھي، جاري ٿيل پڌرائي ۾ نيب چيو آهي ته وفاقي وزير شوڪت ترين جو بيان حقيقتن جي اُبتڙ آهي، نيب خلاف لڳاتار جاري پروپئگنڊا پويان مقصد الزام بازي ۽ بيوروڪريسي جو حوصلو ڪمزور ڪرڻ آهي، نيب چيئرمين ڪامورن جي مسئل کان مڪمل واقف آهي، هن وقت عدالتن ۾ 1273 ڪيسز هلندڙ آهن، اُنهن ۾ ڪامورن خلاف ڪيسز نه هجڻ برابر آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔