سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف احتجاج، گوڙ، واڪ آئوٽ

اسلام آباد: وفاقي وزير علي امين گنڊاپور طرفان شهيد ذوالفقار ڀٽو کي غدار ڪوٺڻ خلاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، سينيٽ ۾ رضا رباني طرفان غنڊا گردي سرڪار نه هلندي جا نعرا ھنيا ويا، رضا رباني چيو ته کين اسلام آباد يا راولپنڊي کان حب الوطني جا سرٽيفڪيٽس وٺڻ جي ضرورت ناهي، آزاد ڪشمير ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو لاءِ غير مناسب ٻولي استعمال ڪئي وئي، اهڙي ٻولي استعمال ٿيندي رهي ته ڪير به محفوظ نه رهندو، سينيٽر مولا بخش چانڊيو ۽ شيري رحمان چيو ته جنهن پاڪستان کي ايٽمي پروگرام ڏنو، اُن کي غدار قرار ڏنو ويو، هي ڪير ٿيندا آهن جو غداري جا سرٽيفڪيٽس ورهائي رهيا آهن، جڏھن تھ سينيٽ ۾ قائد ايوان شهزاد وسيم جي خطاب دوران اپوزيشن جو احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو، سينيٽ چيئرمين جي رولنگ ۽ اجلاس ملتوي ڪرڻ جي وارننگ باوجود اپوزيشن ميمبر احتجاج ڪندا رهيا، قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته ملڪ ۾ جيئڻ مرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ سي وي کڻي امريڪا ۾ بئنچ تي ويٺل آهي، جيڪي دوا وٺڻ ويا هئا، اُهي به ڏيهه واپس نه آيا، توهان فوٽو شاپ ذريعي ملڪ ۾ نه ٿا رهي سگهو، حقيقي طور پاڪستان اچڻو پوندو، هر ڀيري جعلسازي سان حب الوطني ثابت نه ٿي ڪري سگهجي، آزاد ڪشمير جي جلسن ۾ اپوزيشن جي قيادت جيڪا ٻولي استمال ڪئي، پهرين اُن تي معافي وٺڻ گهرجي، ايوان ۾ اُهي ماڻهو به ويٺا آهن، جِن قائد اعظم کي ڪافر قرار ڏنو هو، ڪير به کير جو ڌوتل ناهن. جڏھن تھ شهيد ذوالفقار ڀٽو کي غدار ۽ نواز شريف کي ڦورو قرار ڏيڻ تي وفاقي وزير علي امين خلاف قومي اسيمبلي ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويو، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، نون ليگ ميمبرز جَي منٿن باوجود جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي واڪ آئوٽ نه ڪيو، ايوان ۾ خطاب دوران نويد قمر چيو ته قائد اعظم، علامه اقبال ۽ ذوالفقار ڀٽو جي خدمتن کا انڪار نٿو ڪري سگهجي، اهڙين شخصيتن بابت گٿا لفظ ڳالهائڻ پاڪستان ۽ پاڪستاني تاريخ جي بيحرمتي آهي، پي ٽي آءِ ايم اين اي راجا رياض پنهنجي ئي وفاقي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته جيئرن لاءِ جيئن وڻي ڳالهايو، شهيدن کي وچ ۾ نه آيو، شهيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، نواز ليگ جي مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڦورو سڏيو ويندو ته اسان وزيراعظم کي به ڦورو سڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔