بحريه ٽائون ڪيس: 147 قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت واري درخواست تي جواب طلب

ڪراچي: ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ گرفتار جسقم چيئرمين صنعان قريشي، امجد مهيسر ،الاهي بخش بڪڪ، ڊاڪٽر مظهر مغل سميت 147 قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي عدالت سرڪاري وڪيل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڌرين کان جمعي تائين جواب جمع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، درخواست سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي پاران داخل ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قومي ڪارڪنن کي بيگناهه ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آھي، قومي ڪارڪنن خلاف ڪو سڌو سنئون ثبوت ناھي، جاچ آفيسر جوابدارن خلاف ثابتيون جمع ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن کي مختلف جڳھن تان گرفتار ڪيو ويو، انھن کان ڪا رڪوري به نه ٿي آھي، جوابدارن کي ڪوڙين ايف آئي آرز ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي، ايف آئي آر ۾ جوابدارن جي رول بابت ڪجھ به ناھي ٻڌايو ويو، درخواست چيو ويو آهي ته واقعي جي ايف آئي آر دير سان داخل ڪئي وئي، بحريا ٽائون واقعي ۾ ڪو به شخص زخمي نه ٿيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔