ڪراچي سميت سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ برسات، موسم خوشگوار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي، ڪراچي جَي ڊفينس، اورنگي ٽائون، صدر، برنس روڊ، ڪياماڙي، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، قاضي احمد، ٻانڌي ۽ شاهپور چاڪر ۾ وسڪاري کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو، سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن ڊي سيز کي پنهنجي علائقن ۾ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، بلوچستان ۾ برسات بعد ناڙي درياءَ ۾ چاڙهه، نصير آباد ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال، بچاءَ بند ٽٽڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔