مختيارڪار آفيس منگهوپير ۾ باهه ڪيئن لڳي؟ ڪميٽي قائم

ڪراچي: اولھ ضلعي ۾ قائم مختيارڪار منگھوپير جي آفيس ۾ باھ لڳڻ ۽ رڪارڊ سڙڻ واري واقعي جو روينيوکاتي جي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان طرفان نوٽيس وٺڻ بعد رفيق ٻرڙو جي سربراھي ۾ 4 رڪني انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪميٽي ۾ ڊائريڪٽر ناصر خان، ممتاز چنا ۽ علي محمد ٻٻر ميمبر طور شامل آهن. صوبائي وزير چيو آهي ته باھ ڪيئن لڳي، باھ لڳڻ جا ڪارڻ ڪھڙا ھئا؟ ڪھڙو رڪارڊ سڙيو؟ رڪارڊ کي محفوظ ڇو نه رکيو ويو؟ ان جو ذميوار ڪير آھي؟ ذميوار آفيسرن جو پتو لڳايو وڃي ۽ 7 ڏينھن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. مختيارڪار منگھوپير آفيس ۾ باھ لڳڻ جي خبر ٽائم نيوز نشر ڪئي ھئي باھ سبب ڪافي رڪارڊ سڙي ويو ھو، خبر ھلڻ بعد صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان نوٽيس ورتو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔