داسو هائيڊرو پاور پلانٽ ويجهو چيني انجنيئرز جي گاڏي حادثي جو شڪار، 12 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوهستان: ڪي پي ڪي جي علائقي ڪوهستان ۾ داسو ها.يڊرو پاور پلانٽ ويجهو چيني انجنيئرز جي بس حادثي جو شڪارٿي وئي، نتيجي ۾ 9 چيني انجنيئرن ۽ ٻن ايف سي اهلڪارن سميت 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. جيتوڻيڪ واقعي جي حوالي سان شروعاتي اطلاع متضاد هئا پر قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار بابر اعواڻ واقعي کي ”بزدلاڻو حملو“ قرار ڏيندي چيو ته ان سان پاڪستان ۽ سندس پاڙيسري جي ترقي ۾ اڳڀرائي تان ڌيان نٿو هٽائي سگهجي. بابر اعواڻ حملي جي مذمت ڪندي چيو ته گهرو وزير کي ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال بابت ايوان کي بريفنگ ڏيڻ گهرجي. ڪي پي جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڪامران خان به واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته اعليٰ رڪني وفد واقعي واري هنڌ روانو ٿي چڪو آهي، معاملي جي حقيقتن بابت جلد آگاهي ڏني ويندي. هوڏانهن چين جي حڪومت پاران حملي جي سخت مذمت ڪندي پاڪستاني اختيارين کان معاملي جي شفاف جاچ ڪرڻ سان گڏ ذميوارن کي سخت سزائون ڏيڻ ۽ چيني شهرين جي حفاظت جو جوڳو بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، جڏھن تھ ڊپٽي ڪمشنر ڪوھستان عارف خان يوسفزئي جو چوڻ آھي تھ ڪو حملو ناھي ٿيو، چيني انجنيئرز جي بس سان حادثو پيش آيو آھي، حادثي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 10 ماڻھو فوت ٿيا آھن. ھي حملو نھ آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔