عمران خان تسليم ڪيو ته هو عوام نه پر سليڪٽرز جي چوائس آهي:مريم نواز

ڪراچي: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ عمران خان تسليم ڪيو ته هو عوام نه پر سليڪٽرز جي چوائس آهي، خان صاحب گهاٽي جو سودو ڪيو آهي، هاڻ ته پاڻ سان ٿيندڙ زيادتي بابت به شڪايت نه ڪري سگهندو، کيس سدائين ڪٺ پتلي وزيراعظم طور ياد رکيو ويندو، سازش سان اقتدار نه، پر رُسوائي ملندي آهي: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو تھ عمران خان ڀلي اليڪشن چوري ڪري، ووٽن جا ٿيلها ۽ اُميدوار کڻي وڃي، ڪشميري عوام پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، عمران خان ڪشمير ۾ اچڻ جي تڪليف نه ڪري، نواز شريف مجبوري ۾ لنڊن ويٺو آهي، عمران خان لڳاتار فائول پلي ۾ رُڌل رهيو، پر نواز شريف لنڊن ۾ ويهي ضمني چونڊن دوران حڪمرانن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، عمران خان آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي حڪومت آڻڻ گهري ٿو ته جيئن ڪشمير کي صوبو ٺاهي سگهي، عمران خان ڪشمير کي صوبو بڻائڻ وارو ڪير ٿيندو آهي؟…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔