بحريا ٽائون ڪيس: صنعان قريشي سميت 147 ڄڻن جي ضمانت لاءِ درخواست داخل

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، امجد مهيسر ،الاهي بخش بڪڪ، ڊاڪٽر مظهر مغل سميت 147 قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضمانت لاء درخواست داخل ڪئي وئي. سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قومي ڪارڪنن کي بيگناهه ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آھي سندن خلاف ڪو سڌو سنئون ثبوت ناھي، جاچ آفيسر جوابدارن خلاف ثابتيون جمع ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي، جوابدارن کي مختلف جڳھن تان گرفتار ڪيو ويو آھي، انھن کان ڪا رڪوري به نه ٿي آھي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواست گذار جوابدارن کي ڪوڙين ايف آئي آرز ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي، ايف آئي آر ۾ جوابدارن جي رول بابت ڪجھه به ناھي ٻڌايو ويو، واقعي جي ايف آئي آر دير سان داخل ڪئي وئي، بحريا ٽائون واقعي ۾ ڪو به شخص زخمي نه ٿيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔