چوڌري پرويز الاھي جي پٽ مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد:قاف ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاھي جي پٽ مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ذريعن موجب مونس الاهي کي آبي وسيلن وارو قلمدان ڏنو ويندو. مونس الاھي جي تقرري جو نوٽيفڪيسن جلد جاري ڪيو ويندو جنھن کانپوءِ مونس الاھي حلف کڻندو. مونس الاھي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 69 گجرات 2 تان کٽيو ھو ۽ ھو پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاھي جو پٽ آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔