رقم جي ورھاست وارو مامرو: وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ مھم دوران وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پاران رقم جي ورھاست معاملي بابت آر او جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد ڪشمير ان حوالي سان رٽرننگ آفيسر جي رپورٽ رد ڪندي علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، واضح رھي تھ آزاد ڪشمير جي چونڊ مھم ۾ جلسي دوران علي امين گنڊاپور جي وڊيو سامھون آئي ھئي، جنھن ۾ ھو پئسا ورھائي رھيو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔