وفاقي ڪابينا عيدالاضحيٰ تي 3 ڏينھن موڪلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا عيد الاضحيٰ تي موڪلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا کي بريفنگ ڏني ۽ ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال کان آگاھي ڏني، وفاقي وزير ٻڌايو تھ ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ڏسندي اين سي او سي پنج ڏينھن موڪلن جي تجويز ڏني، پر ڪابينا ٽن موڪلن جي منظور ڏني آھي، ھن چيو تھ وفاقي ڪابينا عيد الاضحيٰ تي 20، 21 ۽ 22 جولاءِ تي عام موڪلن جي منظوري ڏني آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔