سنڌ حڪومت پاران 19 ۽ 20 گريڊ جي 29آفيسرن کي مليل اضافي چارجون واپس

ڪراچي: سنڌ حڪومت 19 ۽ 20 گريڊ جي 29آفيسرن کي مليل اضافي چارجون واپس وٺي ڇڏيون آھن. ڪو آپريٽو کاتي جي سيڪريٽري اختر عنايت ڀرڳڙي کان مائنز اينڊ منرلس کاتي جي ڊي جي عھدي واري چارج واپس، گريڊ 19 جي آفيسر شاھ زمان کھڙو کان ڊي جي گورک ھل واري چارج واپس، پي ڊي ايم اي سنڌ جي ڊي جي سلمان شاھ کان پي ڊي واري عھدي جي اضافي چارج واپس ورتي وئي. عورتن جي ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري انجم اقبال کان ڪچي آبادي جي ڊي جي واري اضافي چارج واپس، رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي اربن پاليسي جي ڊي جي فيصل عقيلي کان بينظير ھائوسنگ سيل جي چيئرمين جي اضافي چارج واپس. سنڌ جي مختلف کاتن جي ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ ڊي جيز کي مليل اضافي چارجون به واپس ورتيون ويون آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔