بدين ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ناھي، وارھ ۽ شھدادڪوٽ ۾ پاڻي پھچائڻ ڏکيو آهي: سهيل سيال

لاڙڪاڻو: صوبائي وزير سھيل انور سيال چيو آهي ته نيازي، يزيدي ۽ فرعونيت، ھٽلر ھجن ھا ته نيازي جي صورت اختيار ڪن ھا، لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته يزيد پاڻي بند ڪيو ھو، 14 سئو فوٽ تائين پاڻي روڪڻو ھو، 3 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي اسٽور ڪري ڇڏيو، لڳاتار چئون ٿا اپيلون ڪيون ته يزيديت جو رول اختيار نه ڪيو، سھيل سيال چيو آهي ته ارسا باز نه آيو، سنڌ جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، گڊو ۾ ڪالهه 3 ھزار ڪيوسڪ گھٽ ٿيو، ارسا ميمبر کي اڄ به ليٽر لکيو،بدين ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ ناھي، وارھ، شھدادڪوٽ ۾ پاڻي پھچائڻ ۾ ڏکيائون آهن، اتي به پاڻي پيئڻ لاءِ ناھي، هن چيو آهي ته پنجاب جي ٻين دريائن ۾ ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو، پر ارسا سنڌ کي پاڻي نه ڏنو، سھيل سيال وڌيڪ چيو ته ناڪام فيڊرل حڪومت جي ھٿ ۾ پاڻي آهي، 18ھين ترمي آهي نه ته ھي پاڻي ڏين ئي نه ھا، گيس، بجلي سميت ڪجهه صحيح نه پيو ملي، هن چيو آهي ته گڊو ۾ جمعي کان صورتحال بھتر ٿي ويو، برسات سبب پاڻي وڌي ٿو، خدا جي رحمت آهي، الله ٻڌي باقي ھن يزيدي حڪومت نه ٻڌي، گڊو ۾ پاڻي جي صورتحال بھتر ٿئي پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔