ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڀارتي قسم جي 35 ڪيسن جي تصديق

ڪراچي: سنڌ جي صحت واري کاتي ڪراچي ۾ ڊيلٽا وائرس (انڊين ويريئنٽ) جي 35 ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي. صحت کاتي موجب هلندڙ جولاءِ مهيني ۾ هتي 35 ڊيلٽا جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڊيلٽا جي بيماريءَ کان متاثر ٿيل ماڻهن ۾ وائرس جون شديد علامتون موجود آهن. لياري ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ماڻهو ڊيلٽا وائرس سان متاثر ڏٺا ويا آهن، سڀني متاثر ماڻهن جو علاج ٿي رهيو آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته ماڻهو پنهنجي حرڪت کي محدود ڪن ۽ احتياط ڪن، عوام ماسڪ پائڻ کي يقيني بڻائين..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔