ڪراچي مان جسمم شفيع برفت گروپ جو ماسٽر مائينڊ رميش ڪمار گرفتار

ڪراچي: پوليس ۽ ڳجهن ادارن ايئرپورٽ ڀرسان ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي جسمم شفيع برفت گروپ جي ماسٽر مائينڊ رميش ڪمار ولد رام چند کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار 2010 کان 2015 تائين ڪراچي ۾ ٿيل 38 کان وڌيڪ ڪريڪر/ دستي بم حملن جو ماسٽر مائينڊ هو، جوابدار ٻين ساٿين سان ملي ڪراچي ۾ ڪريڪر حملن سميت شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ، هڙتالن دوران هنگامن ۽ گاڏيون ساڙڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدار اعليٰ تعليم يافته هجڻ سان گڏ مختلف قسمن جو ڌماڪا خيز مواد ۽ بم ٺاهڻ جو ماهر آهي. جوابدار اعتراف ڪيو ته کيس ڏوهاري ڪاررواين جا حڪم ۽ فنڊ جرمني ۾ پناه ورتل ڪالعدم تنظيم جسمم جو سربراهه شفيع برفت ڏيندو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔