سنڌ ۽ وفاق ٻيهر آمهون سامهون: وفاقي ڪابينا حليم عادل خلاف ڪيسز جِي جاچ لاءِ جَي آءِ ٽي جِي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سنڌ ۾ اپوزيشن ليڊر خلاف ڪيسز تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون ٿي ويا آهن. وفاقي ڪابينا سنڌ ۾ حليم عادل شيخ خلاف داخل ڪيسز جِي جاچ لاءِ جَي آءِ ٽي جوڙڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، حليم عادل شيخ وفاقي سرڪار کي خط لکي ڪيسز جَي مامري ۾ مداخلت جِي اپيل ڪئي هئي، جنهن تي وفاقي ڪابينا معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا طرفان ڪيل ٻين فيصلن ۾ ٽي ايل پي تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سڌ سماءَ وارَي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٻئي مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن کان ٽي ايل پي جو چونڊ نشان ختم ڪرايو ويندو، جڏهن ته فوج لاءِ 15 سيڪڙو خصوصي الائونسز جِي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم طرفان اسپيشل الائونسز ۾ رينجرز ۽ ايف سي کي به شامل ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب 85 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪري رهيو آهي، قيدين کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ جهاز سعودي اماڻيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔