سنڌ پوليس ۾ شڪايتن جي ازالي لاءِ پي ايم پورٽل جهڙو نظام آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي: آءِ جي سنڌ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ پوليس ۾ شڪايتن جي ازالي لاءِ پي ايم پورٽل جهڙو سسٽم آندو ويندو. آءِ جي مشتاق مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ مرڪزي نظام آڻي رهيا آهيون، شهري جيڪا شڪايت ڪندا سي سڀ ڏسي سگهندا، سسٽم ۾ درخواست لاڳاپيل کاتي ڏانهن موڪلي ويندي. هن چيو ته سنڌ پوليس کي مڪمل آئي ٽي بيس تي هئڻ گهرجي، سڀ کان پهرين، جاچ شعبي لاءِ هڪ منظم نظام قائم ڪيو ويندو، مشتاق مهر چيو ته ڪيس ڪهڙي مرحلي تي آهي، ايندڙ پيشي ڪڏهن آهي، اهو سڀ معلوم هجڻ گهرجي، پوليس ويلفيئر کي به مرڪزي نظام هيٺ آڻيون پيا. جيڪڏهن هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو ته وارثن کي خوار نه ڪيو ويندو، هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ جي ضرورت ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔