سنڌ کي پاڻي گهٽ ڏيڻ جي عدالتي انڪوائري ڪرائي وڃي: اسماعيل راهو

ڪراچي: صوبائي وزير اسماعيل راهو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب فصلن کي نقصان پهچي رهيو آهي، کجين ۽ مرچن جو فصل تباهه ٿيو. هن چيو ته سنڌ جو پاڻي زبردستي بند ڪيو پر ارسا ۽ واپدا چئي رهيا آهن ته سرپلس پاڻي ڏئي رهيا آهيون، اسان چانورن مان وڌ کان وڌ غير ملڪي ناڻو ڪمايو، نان باسمتي چانور گهڻو ڪري سنڌ ۾ پوکيا ويندا آهن، گذريل سال چار لک هيڪٽرس تي پوکي ٿي پر هن سال رڳو 86،000 هيڪٽرس تي فصل پوکيو ويو. صوبائي وزير چيو ته ٻه مهينا اڳ جيڪو اسان چوندا هئاسين هاڻي واپڊا ۽ ارسا وارا قبول ڪن ٿا، اسان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ڏيڻ جي عدالتي انڪوائري ڪرائي وڃي. سنڌ سان ٿيندڙ بدانتظامي جي ذميوارن جي نشاندهي ٿيڻ لازمي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔